حجر سورة

حجر، سورة: حجر قرآن مجيد جي 15هين سورة آهي. هيءَ سورة مڪي ۾ نازل ٿي، هن ۾ ڇهه رڪوع ۽ 99 آيتون آهن. حجر جي معنيٰ پٿر آهي. هن سورة ۾ ان قوم جو ذڪر آهي، جيڪا مڪي جي ويجهو ’الحجر‘ واديءَ ۾ رهندي هئي. هن سورة ۾ هڪ ته انهن ماڻهن کي تنبيهه ڪئي وئي آهي، جن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم پاران ڏنل دين اسلام جي دعوت قبولڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ سندن راهه ۾ رڪاوٽ بنيا ۽ مزاحمت ٿي ڪيائون، ٻئي طرف هن سورة ۾ پاڻ سڳورن کي تسلي ڏني وئي ۽ سندن همت افزائي به ڪئي وئي آهي. پهرئين رڪوع ۾ ٻڌايل آهي ته شيطان، انسان کي نابود نه ٿو ڪري سگهي، ٻين جي پويان لڳندڙ ماڻهو زندگيءَ جي مقصد ماڻڻ ۾ ناڪام رهندو آهي هن سورة ۾ لوط ۽ شعيب عليه السّلام جي قومن ۽ قوم هود جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جو ذڪر ڪري، اسلام جي مخالفن کي سمجهاڻي ڏني ويئي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو